ديوان بلبل

ديوان بلبل

ديوان بلبل

ديوان بلبل (ڪتاب): ديوان بلبل، مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جي غزلن جو الف ب وار ديوان آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو پوڪر داس اينڊ سنز شڪارپور مان ڇپرايو هو. جڏهن ته بعد ۾ سنڌ جي نامور عالم مولانا غلام محمد گراميءَ ’ديوان بلبل‘ کي ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايو، جنهن تي ناشر جا ’ٻه اکر‘ اعزازي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسدالله شاهه ’بيخود‘ حسينيءَ جا لکيل آهن، جيڪو لکي ٿو ته: ”عروضي شاعريءَ ۾ مزاحيه طرز نگارش جو باني مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ هو. محمد هاشم مخلص، نور محمد ’انور‘ نظاماڻي ۽ ٻيا، بلبل جي ئي اسٽائيل کان متاثر ٿيا.“
ديوان ’بلبل‘ جي مرتب مولانا غلام محمد گراميءَ، بلبل مرحوم بابت لکيو آهي ته: ”بلبل مرحوم پنهنجي دور جو قادر الڪلام شاعر ۽ سخن سنج هو. سندس فن ۽ مقام ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن.“ گرامي صاحب، ’بلبل‘ جي سيرت ۽ فن جي تعارف بابت ڇپيل مضمونن، ڪتابن ۽ مقالن جو تفصيل ڏيندي، پنهنجي پاران بلبل جي نثري تاليفات ۽ شعر و شاعريءَ جي ترتيب کي بيان ڪيو آهي. ديوان بلبل جو مفصل مقدمو 41 صفحن تي سندس لائق فرزند مرحوم رئيس ضياء الدين ’ضياء‘ ايس بلبل لکيو آهي. جنهن بعد مشهور عالم ۽ شاعر، اڪبر الهه آباديءَ جي شاگرد ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، فارسيءَ ۾ ’بلبل‘ جي قطعه تاريخ لکي آهي. ان بعد مرحوم حاجي محمود ’خادم‘ تقريظِ لکي آهي. ’تقريظ‘ کان پوءِ مرحوم رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جو ديباچو ڏنل آهي. ’ديوان‘ بلبل، رئيس شمس الدين، 6 جنوري 1891ع تي لکي پورو ڪيو، جيڪو ذڪر هن ديوان جي آخر ۾ ڪيو آهي. ’ديوان بلبل‘ ۾ 100 غزل آهن، جن مان اَٺ ڏهه غزل ظريفانه، اردوءَ جي (غزلن جي) مضمونن جو ترجمو آهن. ديوان بلبل، ڊيمي سائيز جي 144 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1969ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ ديوان بلبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو